اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته هاڪي قومي راند آهي ۽ موجوده حڪومت هاڪي جي راند کي ماضي وانگر عروج ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪندي، انشاءُ الله مستقبل ۾ هاڪي جي راند ۾ بهتري نظر ايندي. هو پاڪستان هاڪي فيڊريشن ج?? هيڊڪوارٽر نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري آصف باجوه ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالها??ي رهيو هو. هن ج?? چوڻ هو ته هاڪي راند پاڪستان ج?? فخر آهي، ماضي ۾ پاڪستا?? ان راند ۾ شاندار ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڪي کي وڃايل مقام پائڻ لاءِ هاڪي فيڊريشن ج?? آفيشلز ۽ ڪوچز جذبي سان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن.