اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران ??ان ??ان ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيرا??ظم عمران ??ان ??ي ڊيجيٽل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان ??الد ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران ??زالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??ينيٽر شبلي فراز وزيرا??ظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ??جويز ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان ??گاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيرا??ظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظ?? ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان ??ي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان ??ي ڊيجيٽل ميڊيا صنعت تيزي س??ن پکڙجي رهي آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ميڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان ??الد وزيرا??ظم کي ڊيجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان ??گاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيرا??ظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان ??ڪومت ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.