اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ??نص??بن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ با??ت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل پ??ڪس??ان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ ??نص??بن جي حوالي سان هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي با??ي ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي ??يف سيڪ??يٽ??ي ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل ??نص??بن ۾ رهائشي ??نص??بن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي ??نص??بن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل ??يف سيڪ??يٽ??ي ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 ??نص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي.