اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پارلي??مي??ٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري ??هم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست رو??ن جي فروغ لاءِ سمورن اد??رن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديل??ن جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گ??ٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارلي??مي??ٽ موسيماتي تبديل??ن جي اثرن کي گ??ٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارلي??مي??ٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري ??هم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.