اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو ??واهشمند آهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امداد لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌي ڳالهه ڪ??دا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪ??دا آهن، ادار?? ۾ ??ثالي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش رکندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڪا به طاقت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ٻن ڏينهن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.