اسلام آباد – پهر??ن جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ??لاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ??لاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ??لاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، ??ڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو