اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته اسڪائوٽ معاشري ۾ هيٺئين سطح تي شهري ذميوا??ين جو احساس پيدا ڪري تبديلي جا محرڪ بڻجي سگهن ٿا، ڪيت??ين ئي قومن قوت، علم، ڏاهپ ۽ بلند ڪردار سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي، اڄ اسان کي انهن ئي اصولن تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 16هين چيف اسڪائوٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻائڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. حلف برداري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.