لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهو واعدو پورو ڪري ڏيکاريندس، مديني جي رياست جو پهريون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي ذميداري رياست جي هوندي آهي، غريب ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڏسي شوڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ عوام ٻيو ڀيرو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي صحت انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڊ??ڪٽ?? ياسمين راشد کي مبارڪبا?? پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهو?? ۾ ??نصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو.