اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي ??نهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، ??زي??اعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري شيون مهيا ڪري رهيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي ??قت سر قدم کنيا پي?? وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي ??زي??اعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪري رهيا آهيون.