اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته سرڪاري ۽ ن??ي اسپتالن ۾ 4200 جي لڳ ڀڳ وينٽي ليٽرز موجود آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن جي لا??ِ وينٽي ليٽرز جي گهٽتائي يا کوٽ نه آهي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اضافي 1310 وينٽي ليٽرز جي خريداري لا??ِ آرڊرز اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آهن. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وينٽي ليٽرز کي هلائڻ جي لا??ِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آ??ي. جن ڪمپنين کان وينٽي ليٽرز خريد ڪيا پيا وڃن انهن کان عم??ي کي تربيت ڏيڻ، وينٽي ليٽرز هڻڻ ۽ هڪ سال کان وٺي ٽن سالن جي مدي تائين ان جي مرمت کي يقيني بڻايو ويو آهي، آمريڪا به پاڪستان کي 200 وينٽي ليٽرز ڏيڻ جي آڇ ڪئي آ??ي، انهن مان اڌ تمام جلد پاڪستان پهچي ويندا، انهن ۾ ڪراچي ۽ پشاور کي 30، 30، بلوچستان کي 15 ۽ فيصل آباد کي 10 ۽ لاهور کي 15 وينٽي ليٽرز ڏنا ويندا.