اسلام آباد – 04 جو?? (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جو?? کان شروع ٿين??ڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هد??يت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هد??يت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پارليامينٽ جو اجلاس باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گذارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان فائدو کڻن.