اسلام ??با?? – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪست??ن سميت عالمي برادري کي مدد فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪوويڊ 19 بابت سفري پ??بن??ين جي خاتمي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل غيرامتيازي سفري قاعدن کي يقيني بڻائڻ ۾ صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروز اڌانوم سان وڊيو ڪانفرنس دوران چئي.