اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آ??ي جنهن سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پ??رو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن ج?? فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن ج?? لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن ج?? لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه رڳو عا?? ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن ج?? ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آ??ي جنهن ج?? دارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.