صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪا??ي مهم جو افتتاح ڪيو. گجو خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پو??ي ملڪ ۾ جاري وڻڪا??ي مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مو??ب ان موقعي تي گجو خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور ??ي پاڪستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پاڪستان بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي ??ڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.