اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربر??هي ۾ اقليتي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خليل جارج، سردار رنجيت سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀا??ت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي تي ??الهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀا??تي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ته جيئن ڀا??ت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجيت سنگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک ب??ادري پاڪستان جي حڪومت جي تمام گهڻي ٿورائتي آهي.