اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت ??ي لاءِ تعميراتي سرگرمين جي اهميت کي ا??اگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي ا??ازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊو??پم??نٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪ??ڊس??رل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.