اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پي ڊي ايم اي جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته ڪيس ختم ڪرايو، عدليه اها آزاد مڃي ويندي جيڪا انهن کي صرف رليف ڏي، اليڪشن صرف اهي آزاد مڃيا ويندا جنهن جي نتيجا سندن حق ۾ هجن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته مخالف ڌر جي اها ئي ايجنڊا آهي ته ڳالهه صرف اها درست هوندي جيڪا هي ڪندا، اهو جمهوريت ناهي، آمراڻو رويو آهي، فيصلا عوام کي ڪرڻا ??هن ۽ انهن کي فيصلن کي سياسي پارٽين کي تس??يم ڪرڻو آهي، اهو ئي آئين ۾ لکيل آهي، هن چي?? ته عمران خان اداران کي آزاد ۽ خودمختيار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ادارن تي ڪنهن خاندان جي ڪا هڪ هٽي نه آهي.