اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سان قطر ايئر ف??رس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل د??چس??ي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.