اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت ت?? فراهمي ۽ وڏي مق??ار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وف??قي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت وارو وف??قي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.