اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو شاندار ڏينه?? آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌڻ جي پختي عزم جو اظ??ار ڪيو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد جو با??اعده آغاز ??يو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينه?? آهي ته اسان پاڪستان کي قاعداعظم جي سنهري اصولن موجب فلاحي رياست بڻائينداسين.