اسلام آباد – 28 جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني معاشري جي بهتري ??اء?? تعليم سان ??ربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته علم سان گڏوگڏ معاشري جو درد محسوس ڪرڻ ۽ انڪساري به ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت جو دور اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ملي رهيو آهي، نالج اڪانومي جي بنياد تي ملڪ تيزي سان ??رقي ڪندو، معاشري مان ??دعنواني جو خاتمو اڻٽر آهي. هو ايوان ??در ۾ غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي 25 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي ريڪٽر امين الله خان، اي ڊي شڪيل دراني ۽ پروفيسر وسيم احمد خان ??ه خطاب ڪيو. صدر چيو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن، سندن والدين ۽ استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته ان ڪاميابي ۾ انهن سڀني جو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته علم جي ڪا به ح?? نه آهي، نوجوانن کي ان ??ستي تي هلندي وڌيڪ علم جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا وڏي تيزي سان ??رقي ڪري رهي آهي، ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي ??اء?? علم سان گڏوگڏ سٺي اخلاق، انساني همدردي ۽ انڪساري اخت??ار ڪرڻ به ضروري آهي. صدر چيو ته اڄ دنيا ۾ علم جي گهڻائي آهي، چوٿون صنعتي انقلاب وڏي تيزي سان ??ونما ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي ۾ پاڪستان کي ت??ار رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي تيزي سان ??دلجندڙ دنيا ۾ مقابلي جي ??اء?? ذهانت کي فروغ ڏيڻو پوندو، هاڻي صرف قدرتي وسيلن جي بنياد تي ڊگهي ترقي ممڪن نه آهي پر ان ??ي ??اء?? ذهانت ۽ فڪر کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان ميدان ۾ پاڪستان مقام پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان مقصد جي ??اء?? معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ڪفايت شعاري جي فروغ، بدعنواني جي خاتمي ۽ وقت سر درست فيصلن جي اهميت تي زور ڏيندي ان ??والي سان موجوده حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران وز??راعظم جي انساني همدردي تي ٻڌل سمارٽ حڪمت عملي تحت ملڪ کي ڪاميابي حاصل ٿي. صدر تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته هو تيزي سان ??دلجندڙ رجحانن کي نظر ۾ رکندي آن لائين تعليم جهڙا طريقا اخت??ار ڪرڻ تي ڌيان ڏي ته جئين وڌ کان وڌ آبادي کي معياري تعليم تائين پهچ آسان ٿي سگهي. صدر مملڪت غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي ??اء?? ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي ريڪٽر غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ امين الله خان ۽ ٻين ايوان ??در ۾ ڪانووڪيشن تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن اداري جي ڪارڪردگي ۽ نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ بهترين انجنيئرز ۽ سائنسدان ????ار ڪرڻ جي تاريخ رکي ٿو، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن جي اهميت جي پيش نظر جديد علم ۾ پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن. هن نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي ??اء?? موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ صدر مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندن سان گڏوگڏ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ميڊلز به ورهايا.