اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي مڪمل آزادي ۽ بااختيار ميڊيا تي يقين رکي ٿي، پي ايم ڊي ??ي تحت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جو تحفظ يقيني بڻجندو، اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز وٽ پنهنجي ايشوز جي حل لاءِ ڪو به پليٽ فارم نه هو، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي ??ي) فريم ورڪ تي هاڻي مشاورت جو عمل جاري آهي، ان تي (ن) ليگ جي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، پي ايم ڊي ??ي تي تنقيد ڪندڙ مريم اورنگزيب پاڻ اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي ??ي، ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ڇت هيٺ متحد ڪر?? آسانيون پيدا ڪر?? رهيا آهيون، ترقي يافته ملڪ ميڊيا جي ارتقائي عمل ۽ درپيش چئلينجز مان جهڙي طرح سرخرو ٿيا اهڙن طريقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پي ايم ڊي ??ي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ته رات جي پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين مشاورت جي روايت وڌي آهي، (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ميڊيا سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ميڊيا ۽ عوام سڀ ڄاڻي ٿي، هن چيو ته آزاد صحافت تي ڪا به پابندي نه لڳائي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهو پي ايم ڊي ??ي جي مرضي موجب تشريح ڪر?? عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيا آهن، مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته پي ايم ڊي ??ي تي اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، پريس ڪلبز، ميڊيا تنظيمن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي. هن چيو ته اسٽيڪ ه??لڊ??ز پاران ميڊيا ڊولپمينٽ، ڊجيٽل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪرين جي تحفظ جي قدمن تي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي وئي، اسان آئين جي آرٽيڪل 19 تحت اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي، ميڊيا جي آزادي لاءِ تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پي ايم ڊي ??ي بل جا نقطا نه پڙهيا آهن نه ڏٺا آهن ان جي باوجود پي ايم ڊي ??ي کي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ڪرڻ جي ور چاڙهي رهي آهي، هن چيو ته ميڊيا بابت ادارن کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون.