اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغ??رت ۽ درجا بلند ??رمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سين??ٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سين??ٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سين??ٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغ??رت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.