اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقت??اد?? زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خصوصي اقت??اد?? زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت ??هي?? ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي اقت??اد?? زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اقت??اد?? زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اقت??اد?? زونز آهن ??ن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي، بلوچستان ۾ بوستان، پنجاب ۾ علامه اقبال انڊسٽريل ??ٽي ۽ بلوچستان ۾ گوادر شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ انهن مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ونڊو آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.