اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ترقياتي ??نصوبن تي ??قرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو و??ي، سنڌ جي 14 گهٽ ترقي يافته علائقن جي سماجي اقتصادي ترقي اسان جو هدف آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ ترقياتي ??لان تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر ۽ محمد حماد اظهر شريڪ ٿيا، وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي ??لان جو مقصد 14 ضلعن جي رهواسين کي معاشي ۽ معاشرتي ترقي آهي. وزيراعظم جي لاڳاپيل کاتن کي حيدرآباد کان سکر موٽر وي ۽ بدين، گهوٽڪي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي. 444 ارب روپين جو سنڌ ترقياتي ??لان 48 پي ايس ڊي پ?? منصوبن، غير پي ايس ڊي پ?? 50 ۽ 7 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تي ??شتمل آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي س??ل 22 -2021ع لاءِ ان پلان تحت 26 ترقياتي ??نصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي، 8 وفاقي وزارتن ۽ کاتن کي 16.304 ارب روپين جي منظوري به ڏني وئي آهي، سنڌ ترقياتي ??لان ۾ رستن، موٽر وي، هائوسنگ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، آبي وسيلا، صحت، اعليٰ تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، ڊزاسٽرمينيجمينٽ، ريلوي، توانائي ۽ راندين جي سهولتن جا منصوبا شامل آهن.