ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي زور ڏيندي ??يو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روي??يو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري جي ضرورت آه??، واپاري برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??راچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تا??و ئي افتتاح ڪيل گرين لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي صدر ??يو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن ??ي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري سهولت فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر ??يو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آه??، اميد آه?? ته اهو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو. صدر ??يو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين مقصدن مان هڪ آه?? ته جيئن روزگار ?? ڪاروباري صلاحيت کي وڌائي سگهجي. هن ??يو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي ۽ قرض جون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ ??يو ته تعميراتي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ڪيترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.