اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گ??يل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (ي??ني??يف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ي??ني??يف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ ي??ني??يف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گ??يل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخل??ئن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحر??ن جي خاتمي لاءِ پاڪست??ن جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گ??يل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. ي??ني??يف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ي??ني??يف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ ي??ني??يف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ي??ني??يف پاڪست??ن جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.