اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته عالم?? سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وب?? دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اقتصادي صورتحال ۽ عالم?? سطح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو ب??تيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالم?? سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيرا??ظم چيو ته عالم?? سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالم?? سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو ??هي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو ??هي. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.