اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندا آهن، سياسي پارٽي کي نجي مليشيا رکڻ جي اجازت ناهي پر جي يو آئي ڏنڊا بردار فورس ٺاهي رکي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي، وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي تي يقين رکي ٿو، ماضي ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر ڪنهن ملڪي سالميت لاءِ نه ڳالها??و، وزيراعظم هر فورم تي اسلاموفوبيا تي ڳالهه ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب او??رس??ز پاڪستانيز انٽرنيشنل ڪنوينشن کي صدر ۽ وزيراعظم جي خطاب جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرنيشنل چيپٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالله رياڙ سان گڏ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته او??رس??ز پاڪستانين عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هلندڙ سال رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو ٿيندو، او??رس??ز پاڪستانين کي ڪو بااختيار بڻائڻ لاءِ تيار نه هو، او??رس??ز سڀ کان وڏو مطال??و ووٽ جو اختيار هو، اسان جي حڪومت او??رس??ز کي ووٽ جو حق ڏنو، پاور آف اٽارني کي حاصل ڪرڻ جو طريقو آن لائين ڪيو و??و، فرخ حبيب چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر جمع ٿي چڪا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جي بدولت او??رس??ز گهر جي لاءِ بئنڪ مان قرض وٺي سگهن ٿا، او??رس??ز پاڪستاني وزيراعظم سان ٿورن جو اظهار ڪرڻ چاهين ٿا، اسلام آباد ۾ 13، 14 ۽ 15 مارچ تي او??رس??ز جو تاريخي ڪنوينشن ٿيندو، وزيراعظم عمران خان ڪنوينشن کي خطاب ڪندو، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته او??رس??ز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پارليامينٽ معاملي جي حوالي سان هن چيو ته گهرو وزير پارليامينٽ واري معاملي کي ڏسي رهيا آهن، مخالف ڌر شڪست کاڌل انهن وٽ نمبرز پورا نه آهن، تحريڪ انصاف جي ڌرڻي دوران لاٺي چارج، دهشتگردي جا ڪيس ٿيا، مخالف ڌر حيلن بهانن سان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سياسي پارٽيون آزاد آهن ۽ ڪنهن سان به ملاقاتون ڪري سگهن ٿيون. فرخ حيب چيو ته اتحادي اسان سان گڏ آهن.