اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان سا?? بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪ??ي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر وزيراعظم کي بادشاهه، ولي ع??د ۽ بحرين جي وزيراعظم پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪستان جي ع??ام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ وزيراعظم عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحرين سا?? پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جون پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگي سا?? جڙيل آهن. وزيراعظم بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن کي ساراهيندي گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلاف بحرين جي ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪستان سا?? مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان گ?? بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪستان پاران گ??يل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي منظوري تي وزيراعظم کي مبارڪباد ??ني. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي ع??د ۽ پنهنجي هم منصب جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.