اسلام آباد – 31 –; مارچ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته غير ملڪي طاقتن کي پاڪستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي جي حوالي سان ملندڙ غير ملڪي ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته غير ملڪي طاقتن کي پاڪستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق حاصل نه آهي، پاڪستان جي سال??يت ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه ن?? ڪنداسين.