اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??زيراعظ?? محمد شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن ج?? دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظ?? محمد شهباز شريف 7 وڳي اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته ??ي منصوبو اڳوڻي وزيراعظ?? محمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن ج?? دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظ?? محمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ شهري مفت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته ??زيراعظم اسلام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽروي سان ڳنڍڻ جي فوري ف??يبلٽي جي تياري جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي ميٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري ف??يبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.