اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چ??و ته هن وقت ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياسي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ وقت جي اهم گهرج آهي. قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ايم ڪيو ايم پاران وزيراعظم کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.