اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄ??و تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄ??و تيل جي د??آمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄ??و تيل جي بحران جي خطري ج?? روڪٿام ۽ کاڄ??و تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري ج??ن ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄ??و تيل جي د??آمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري ج?? مقصد ملڪ ۾ کاڄ??و تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري ج??از کاڄ??و تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄ??و تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.