اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خ??ن کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خ??ن جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ص??ر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.