اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فو??ي م??د ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي سڀ کان پهرين بلوچستان ۾ شروع ڪئي وڃي، حڪومت متاثرين جي م??د ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر کي ا?? جو حق ملڻ تائين سک سان نه ويهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فو??ي مالي مدد اين ڊي ا??م اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي ??ڏيل سروي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي ويل چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي جنهن سان بحالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها سروي سڀ کان پهرين بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪئي ويندي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان شروع ڪري ا?? جي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022ع تائين يقيني بڻائي ويندي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني ويندڙ فو??ي مالي م??د ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جنهن جي نگراني ا??ن ڊي ا??م اي ڪندي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.