طورخم – 17 – نومبر (اي پي پي) ڪسٽمز ع??لدارن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي ڊالرز جي اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 2 مسافرن کان 40 هزار ڊالر برآمد ڪري ورتا. ڪسٽمز ع??لدارن موجب سرحد جي ذريعي غير??لڪ?? ڪرنسي اسمگلنگ جي اطلاع تي بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ طورخم تي گاڏين، بيگن جي چيڪنگ يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل 5 ڏينهن دوران ٻن مسافرن کان وڏي مقدار ۾ غير??لڪ?? ڪرنسي برآمد ڪئي وئي. 12 نومبر تي ڪسٽمز جي عملي اظهر اڪبر ولد گل تاج خان (پاڪستاني) پاسپورٽ نمبر WM1334701 کي پڪڙي تلاشي ورتي، ان شخص جي قبضي مان 2 عدد پلاسٽڪ بيگ برآمد ڪيا ويا جن ۾ 10، 10 هزار ڊالر جي غير??لڪ?? ڪرنسي موجود هئي. 17 نومبر تي ڪسٽمز ع??لي اقدس ريال دختر گل محمد (افغاني) پاسپورٽ نمبر PO0149377 کي پڪڙي تلاشي ورتي ۽ ان جي ڪلهي تي لڙڪيل بيگ مان 20 هزار ڊالر جي غير??لڪ?? ڪرنسي برآمد ڪري ورتي. ان ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته غير??لڪ?? ڪرنسي خاص طور تي ڊالرز جي اسمگلنگ سان مڪ ۾ ڊالرز جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سان نه رڳو ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو پر قومي معيشت پڻ متاثر ٿئي ٿي.