اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿيو آهي. تر??مان چيو ته افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. تر??مان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. تر??مان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي ??زي?? اسان جي ناظم الامور ??ان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پرڏيهي ??زي?? ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.