اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي و??ير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻ??ڏ متاثرين بابت امداد تي سعودي عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي و??ير پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آ??اه?? جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پرڏيهي و??ير پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي لاءِ سعودي عرب جي ڀرپور حمايت کان آ??اه?? ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، است??ڪا?? ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت کي ورجايو.