ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ??مارات جي قومي هيروز جي ياد ۾ تعمير ڪيل واحته ??لڪ??امته جو دورو ڪيو ۽ ملڪ ج?? دفاع ۽ تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب ??مارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج ع??يد?? پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملڪ ج?? دفاع ۽ ان جي تحفظ جي لاءِ گڏيل عرب ??مارات جي شهيدن جي قربانين ۽ بهادري جي ڪارنامن کي خراج ع??يد?? پيش ڪرڻ جي لاءِ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي مقام واحته ??لڪ??امته جو دورو ڪيو. وزيراعظم جو استقبال ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مارٽرز فيمليز افيئر، آفيس خليفه بن تهنون ڪيو. وزيراعظم گا??ڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. وزيراعظم واحته ??لڪ??امته جو تفصيلي دورو پڻ ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪا اماراتي بهادر فوجين جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يادگار جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. واحته ??لڪ??امته گڏيل عرب ??مارات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي جيڪو گڏيل عرب ??مارات جي شهيدن جي بهادري ۽ يو اي اي ج?? دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.