اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻ جي ل??ءِ وڻ??ار?? کي قومي نصب العين بڻائڻ جي ضرورت آهي، هلندڙ بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻ??ار?? مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڌي چڙهي ان مهم ۾ حصو وٺن، عالم سڳورا عوام ۾ ان حوالي سان شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهار جي موسم جي وڻ??ار?? مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو هڻي هلندڙ بهار جي موسم جي وڻ??ار?? مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان سڄي پاڪستان ۾ وڻ??ار?? مهم 2023ع جي شروعات ڪري رهيا آهيون، هلندڙ سال بهار جي موسم ۾ ملڪ گير وڻ??ار?? مهم هلائي ويندي جنهن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويندا، ان سڄي منصوبابندي ۾ اسان جي موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سندس ٽيم خصوصي دلچسپي ۽ محنت آهي، پاڪستان جي ڪل اي??اضي جي ڀيٽ ۾ ٻيلن جي شرح رڳو 5.45 سيڪڙو آهي، اسان کي ان کي هنگامي بنيادن تي وڌائڻو پوندو، 2015ع ۾ نيشنل فارسٽ پاليسي جو ڪريڊٽ منهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۾ ٻيلن جي بحالي جي نئين سر شروعات ڪئي وئي ان ۾ ڪا ٻي ر??ءِ نه آهي ته ٻيلا ماحول کي تبديل ڪن ٿا ۽ ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي ل??ءِ انهن جو هڪ اهم ڪردار آهي، صحتمند ماحول ۽ بي شمار منفي اثرن کان بچاءُ ۾ ٻيلا وڏو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ??ار??خ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ٻيلن جي اهميت کي اڃا به وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، 30 ارب ڊالر جو اسان جي معيشت کي نقصان پهتو، پاڪستان ۾ وڻ??ار?? کي قومي نصب العين بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي، اسان کي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ل??ءِ قومي سطح تي نه رڳو عملي قدمن جي ضرورت آهي پر تعليمي ادارن ۾ به ان جي آگاهي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي فردن ۽ اجتماعي گذارش آهي ته ان مهم ۾ اهي وڌي چڙهي حصو وٺن، عالم سڳورا به مدرسن ۾ وڻن جي اهميت کي اجاگ?? ڪرڻ جي حوالي سان قدم کڻن، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي ۽ حديثن مان اسان کي وڻن جي اهميت بابت تمام گهڻا مثال ملن ٿا، جنگ جي صورت ۾ به ميويدار وڻن کي وڍڻ منع ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ شهري آباديون ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجنديون پيون وڃن، اسان کي شهرن ۾ به وڻن ۽ گرين اي??ياز جي انگ ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ برائون اي??ياز کي جيترو گهٽ ڪري سگهون اي??رو ماحول جي ل??ءِ تمام سٺو هوندو. ان جي ل??ءِ قوم کي اپيل ڪندس ته اها هن وڻ??ار?? مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ۽ اچو اسان سڀ گڏجي پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل سنواريون ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت جي ل??ءِ پنهنجو پاڻ کي اسان مڪمل ۽ اجتماعي طور تي وقف ڪريون.