اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه ??ري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذ??يل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سان چيو آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ جذبي سان ادا ??ري رهي آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ??ه گذ??يل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تا?? مستعيفي ٿيڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.