ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ??هي ته ميڊيا جي آزادي تي پابنديون جمهوريت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ معاشري ۾ ورڇ ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام جي ??اء?? پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ صحافين جو اتحاد سدائين سدابهار ۽ مضبوط رهيو ??هي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاو?? ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??ه شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي حڪومت جي دورن ۾ آمرن پاران صحافت تي لاڳو ڪارن قانون جو خاتمو ڪيو ۽ صحافت کي مڪمل آزادي ڏني. چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري چيو ??ه پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت جو پاڪستان ۾ بدترين ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهيو ??هي پر ان جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به اظهار ۽ صحافت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار نه ٿي، پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان سدائين واضح موقف اختيار ڪيو ??هي، اسان ڄاڻڻ جي حق جي قانون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد ۾ يقين رکون ٿا. بلاو?? ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ??ه ان جي پارٽي ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ ??اء?? پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي ??اء?? مثالي ماحول جو قيام ۽ عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي هنيل پابندين جي شديد مذمت ڪندي صحافتي تنظيمن، اظهار جي آزادي جي حق جي ??اء?? ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن سميت عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي والاريل واديءَ جي صحافين تي ظلمن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ??ه والاريل ڪشمير ۾ روزانو صحافين کي قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي صحافي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ ڀارتي فوج جي هٿان شهيد به ٿي چڪا آهن. هن اپيل ڪئي ته سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صحافين سان يڪجهتي جو ڏينهن به ملهائڻ گهرجي.