بغداد – 06 – جون (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي عراقي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد ريڪان الحلبوسي سان ملاقات ڪئي. ??رڏ??هي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ پارلياماني شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۾و ڌيڪ اضافي جو سبب هوندو. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني رابطا هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ا??م آهن.