اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت ??و هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ س??ن بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ شعر ”دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سي??ي ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي“ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ س??ن فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.