معيشت جي بحالي کان پوءِ معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻ ۽ پاڪستان کي هاڻي معاشي قوت بڻائڻو اهي، ترقياتي ڪمن مان ملڪ ۾ معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو: اسحاق ڊار جو پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب

image

اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته مشڪل فيصلن ذريعي معيشت جي گراوٽ جو عمل رڪجي چڪو آهي، معيشت جي ??حالي کان پوءِ هاڻي معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻائڻو آهي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، معاشي ترقي ۽ بجيٽ جا سمورا هدف قابل حصول ۽ عملي آهن، وفاق ۽ صوبن جي ??الياني ترقياتي پروگرام تي حقيقي معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو جي ??وسر جو هدف آساني سان حاصل ڪري وٺنداسين، اسان جا بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي، پگهارن ۾ واڌ بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي ??ورت ۾ ڏنو ويندو، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي ??رح ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي، تازي ۽ پراسيسيڊ کير تي ڪو به سيلز ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان جي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ناهي، ايئرپورٽن جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??والي سان قدم جاري آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??والي سان واڪ ٿي وڃي، پاڪستان ڏيواليو نه ٿيندو، بجلي جي ??عبي ۾ سڌارن لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، هر سال هڪ هزار ارب رپين جي ??بسڊي جو متحمل نٿا ٿي سگهون. اهڙو اظهار هن پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، ناڻي وارو سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ عام طور ايف بي آر 2 ڪميٽيون جوڙي ٿي، ان مان هڪ واپاري ۽ هڪ فني ڪاميٽي شامل هوندي آهي. ايف بي آر جو چيئرمين اڄ ان جي منظوري وٺندو ۽ هي ڪميٽيون بجيٽ جي منظوري تائين ڪم ڪنديون، جيڪي به جائز مسئلا هوندا ڪميٽيون ان حوالي سان سفارشون جوڙي حڪومت کي ڏينديون، جيڪي فنانس م شامل هونديون. اهڙي طرح سينيٽ جون سفارشون به شامل ڪيون وينديون، ماضي ۾ بجيٽ جي ??والي سان سينيٽ جي ??فارشن کي رد ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اسان ان کي سنجيده وٺي رهيا آهيون ۽ حقي??ت پسنداڻين ۽ قابل عمل تجويزن کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن سال معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي. مجموعي محصول 12163 ارب رپيا آهن، جن مان 9200 ارب رپيا ايف بي آر ۽ 2963 ارب رپيا نان ٽيڪس روينيو جي مد م حاصل ٿيندا، فيڊرل روينيو جو مجموعي ڳاڻيٽو 14463 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 7301 ارب رپيا مارڪ اپ شامل آهي. بچاءَ لاءِ 1804 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پينشن جي مد ۾ 761 ارب رپيا ۽ جاري خرچن ۾ 714 ارب رپيا شامل آهن. وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو 7573 ارب رپيا هوندو، خسارو 9 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو جي ??رح تي اچي ويو آهي. پرائمري بئلنس 380 ملين ڊالر آهي جيڪو جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو بڻجي ٿو. مجموعي جي ڊي پي 105 ٽريلين رپيا هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي ??رقي جو ڦيٿو هلندو ته ترقي ٿيندي، اسان جي ??ڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ مختص آهي. سماجي ??هبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن. زرعي طور پاڻڀرا ٿيڻ لاءِ 45 ارب رپين جا منصوبا آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آهي. صوبن جي ??رقياتي بجيٽ 1509 ارب رپين جي ويجهو هوندو. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي صحيح عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو شرح اوسر جو هدف حاصل ڪندا. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2024ع لا3 پاڪستان جي ??وسر واري شرح جو هدف 2 سيڪڙو لڳايو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ساڍا 3 سيڪڙو، بلومبرگ 4 سيڪڙو، اورفيج 4 سيڪڙو اوسر واري شرح جو اندازو لڳايو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي ??رح 21 سيڪڙو متوقع آهي. جي ڊي پي جي ??ناسب سان محصولن جي ??رح 8.7 سيڪڙو، خساري جي ??رح 6.5 سيڪڙو ۽ پرائمري بئلنس 0.4 سيڪڙو آهي. جي ڊي پي جي ??ناسب سان قرضن جي ??رح 66.5 سيڪڙو آهي. اڳوڻي حڪومت 25 ٽريلين قرضن کي 49 ٽريلين تائين پهچائي ڇڏيو هو. ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي اوسر هوندي ته روزگار جا موقعا وڌندا، اسان جو بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي، انهي مقصد لاءِ اسان زراعت تي خاص توجهه ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته پوري دنيا ۾ زراعت اهو واحد شعبو آهي جتي تيزي سان ريٽرن ملي ٿو. الحمدلله معيشت ۾ گراوٽ جو عمل رڪجي چڪو آهي، هاڻي معيشت کي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي هاڻي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائڻي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ??هم شعبو آهي ان شعبي جي ??رقي لاءِ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ م اهم قدم کنيا ويا آهن. 3 سالن لاءِ ٽيڪسن ۾ رعائت ڏني پئي وڃي. نوان اسٽاڪ اپس کي 24 هزار ڊالر ساليانو ٽرن اوور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح 50 هزار ڊالر روانگي واپار جي ??ورت ۾ هڪ سيڪڙو شرح سان ڊيوٽي فري جي ??هولت ڏني پئي وڃي. آءِ ٽي جي ??والي سان خصوصي اقتصادي زونز کي به ترقي ڏني پئي وڃي ۽ ان راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڪومت 2000 ارب کان وڌيڪ هاري پئڪيج ڏنو هو، جنهن جا بهترين نتيجا سامهون آيا، ڪڻڪ جي وافر فصل حاصل ٿي، ٻين فصلن جي پيداوار ۾ به اضافو ٿيو. هاري پئڪيج ۾ هن وقت تائين 1750 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. نئين مالي سال ۾ ان مقصد لاءِ 2250 ارب رپيا فنڊ رکيا ويا آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اها رقم تقسيم ٿئي، 50 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري رهيا آهيون، ان مقصد لاءِ بجيٽ ۾ 30 ارب رپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. وڌيڪ پيداوار لاءِ ٻجن کي به بهتر بڻائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي. في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ ڪري اسان نه رڳو روانگي واپار وڌائي سگهونٿا، بلڪه ملڪ ۾ زرعي انقلاب به اچي سگهي ٿو. ٻجن تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز کي ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح زرعي اوزارن تي به ٽئڪس ۽ ڊيوٽين ۾ رعائت ڏني وئي آهي. زرعي بنيادن تي قائم ايس ايم ايز کي رعائتي قرض ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي هڪ اسڪيم جو جائزو ورتو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ زراعت تي ٻڌل صنعتن کي ٽئڪس ۾ رعائت ڏني ويندي. يوٿ هاري پئڪيج تحت 10 ملين تائين قرض ڏنا ويندا. ڀاڻ جي قيمتن م گهٽتائي لاءِ به قدم کنياويندا، حڪومت ڀاڻ سازي جي ڪارخانن کي وڌيڪ 3 مهينن يعني 31 آگسٽ تائين گئس جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي ??ستي قيمتن تي فراهمي آهي. ڀاڻ جي ??والي سان حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 6 ارب رپين جي ??بسڊي ڏئي رکي آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان جي ??ستعمال جي نوبت نه اچي ۽ اسين وڌيڪ آمدني واپار ڏانهن نه وڃو. ناڻي واري وزير چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي ??ي ڪاروبار معيشت جي ??رقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو. پاڪستان جو ايس ايم ايز جو شعبو ڪمزور آهي، ان جي ??وصلا افزائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ان مقصد لاءِ آسان فنانس اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي. ايس ايم ايز لاءِ ريٽنگ ايجنسي بڻائڻ جي ??جويز آهي، ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي مجموعي روانگي پيداوار جي ??ناسب سان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو سمنڊ پار پاڪستاني موڪلي رهيا آهن. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڪيتريون ئي رعائتون ڏنيون ويون آهن. پلاٽ ۽ جائيداد جي ??ريداري تي 2 سيڪڙو ٽئڪس ختم ڪيو ويو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊائمنڊ ڪارد متعارف ڪرايو پيو وڃي. 50 هزار ڊالر ساليانو مٽاسٽآ جو ناڻو، بئنڪنگ چينلن مان موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي منع ٿيل بورڊ جو لائيسن ڏيڻ سان ڏوگڏ سفارتخانن ۾ خصوصي رسائي جي ??هولت ۽ ملڪ ۾ آمد تي هوائي اڏن تي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته تعليم حڪومت جو ترجيح وارو شعبو آهي، تعليم لاءِ 5 ملين رپين جو انڊومينٽ فنڊ قائم ڪري رهيا آهيون، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت جولاءِ ۾ پهرين ڪنسائنمينٽ اچي رهي آهي، ايندڙ سال هڪ لک شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تعميراتي صنعتن به حڪومت جي ??رجيحن ۾ شامل آهي. توانائي جي ??عبي ۾ بهتري آندي پئي وڃي، سولر پينل انويٽر ۽ شعبي جي ??ام مال تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??جيٽ 450 ارب رپين تائين وڌائي وئي آهي. اٽي، گيهه، دالين، چانورن تي ٽارگيٽڊ معاوضي جو سلسلو جاري رهندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??سڪور کي 32 مان وڌائي 40 پوائنٽن تائين آڻڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جي ??والي سان تفصيلي بحث ٿيو، مهانگائي سبب سرڪاري ملازمن کي مسئلا سامهون هئا، حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن م 30 سيڪڙو ۽ پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هي اضافو بنيادي پگهار تي ايڊهاڪ رليف جي ??ورت ۾ هوندو. گهٽ م گهٽ پينشن جي ??طح 10 هزار رپين مان وڌائي 12 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت مختلف الائونسن ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي. صحافين لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ??جويز هئي جنهن جي ڪابينه منظوري به ڏني آهي، اميد آهي ته هي هڪ ڪامياب اسڪيم ٿيندي. هن چيو ته بيواهن جي هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي10 لک رپين تائين جا قرض حڪومت ادا ڪندي، اسٽيٽ بئنڪ کان انگ اکر به گهرايا ويا آهن. ماضيءَ ۾ به محمد نواز شريف جي ??ڪومت بيواهن جي قرضن جي ??والي سان اسڪيم متعارف ڪرائي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جڏهن پشاور ويو هو ته اتان جا ماڻهو ان سان ملي مطالبو ڪيو هو ته اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽيڪس جي ڇوت جي مد ۾ واڌ ڪئي وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت 2018ع ۾ اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا کي 2023ع تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني هئي. حڪومت ضم ٿيل ضلعن اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ ٽئڪس ڇوٽ جي مد ۾ وڌيڪ ه?? سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته تازه يا پراسيسڊ کير تي 10 سيڪڙو سليز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ??جويز غور هيٺ ناهي ۽ نه ئي ڪا واڌ ٿي آهي. هن چيو ته پروسيسڊ کير تي سيلز ٽيڪس جي ??جويز هئي پر ان جي منظوري نه ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر هئي ته جيڪڏهن پراسيسڊ کير تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي ته سڄي ملڪ ۾ تازي کير جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪندا. ناڻي واري وزير چيو ته 2963 ارب رپين جو نان ٽيڪس روينيو حاصل ڪرڻ جوڳو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ 1113 ارب رپيا اسٽيٽ بئنڪ جو منافعو آهي، اسان جو هي هدف حقي??ت پسنداڻو آهي، اهڙي طرح پيٽروليم ڊولپمينٽ جي مد ۾ به 869 ارب رپيا حاصل ٿيندا. گذريل سال پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي کي لاڳو ڪيو ويو هو، سڄي سال م ان جي وصولي نه ٿي هئي. هن چيو ته انٽرسٽ ڊيونڊنڊ کان پڻ 260 ارب رپيا حاصل ٿيندا. مجموعي ٽيڪس محصولن جو هدف 9200 ارب رپيا آهي. هي هدف اوسر ۽ ناڻي واڌ کي سامهون رکي ترتيب ڏنو ويو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽئڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي. جيڪو 200 ارب رپين جي ??ضافي ٽئڪس جو اندازو آهي اهو معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي ??مل سان حاصل ٿيندو، ان ۾ ڪو به نئون ٽئڪس ناهي، نان فائيلر کي 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍائڻ تي 0.06 سيڪڙو جي ??طح تي ودهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي ??رح ۾ واڌ جو ارادو ناهي، ريسٽورينٽس ۾ ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي ??ستعمال تي سيلز ٽيڪس جي ??رح 15 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي ناني تلافي جو ڳاڻيٽو 1074 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ 900 ارب رپيا بجلي جي ??عبي لاءِ آهن. بجلي جي ??عبي ۾ وڌيڪ محنت جي ??رورت آهي. گذريل سال آءِ ايم ايف ۽ اسان وچ ۾ هي هڪ اهم معاملو هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي گرانٽ ڏني ويندي، هي گرانٽ هر سال ناڻي واڌ جي ??رح سان ڏني ويندي آهي. هن سال آزاد ڄمون ڪشمير جو حصو وڌيڪ هوندو، جنهن جو بنيادي سبب منگلا ڊيم جي پاڻي تي رائلٽي آهي، آزاد ڄمون ڪشمير حڪوم?? سان اسان جو اتفاق راءِ ٿيو آهي، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ معياري قيمت تي بجلي فراهم ڪئي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ کاڄرو تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پهرين جولاءِ کان ملڪ ۾ شريعه ڪمپلائنٽ شين کي هٿي ڏيڻ لاءِ دستياب هوندي، اسلامي مالياتي نظام جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رهندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ايڊهاڪ رليف الائونس ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي، جڏهن گنجائش هوندي آهي ته ان کي ضم ڪيو ويندو آهي. اسان پنهنجي گذريل دور ۾ 3 کان 4 ايڊهاڪ رليف بنيادي پگهار ۾ ضم ڪيا هئا ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت جي ??والي سان نجي ??عبي ۾ جتي ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي ان جي نشاندهي ڪئي وڃي. ميڊيا مالڪن کي به چئون ٿا ته هو پهرين پاڻ عمل ڪن پوءِ ٻين جي نشاندهي ڪن. سول سوسائٽي به گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي ??دائگي جي ??والي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، حڪومت کي شڪايتون موڪليون وڃن، سيڪيورٽي گارڊ کي گهٽ کان گهٽ اجرت تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ??والي سان گهرو وزارت ذريعي ان جو جائزو ورتو ويندو. آءِ ايم ايف وٽ پلان بي جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته پلان بي هر و??ت پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ موجود هوندو آهي، پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، گذريل حڪومت جي مڪروه غلطين سبب اسان هتي بيٺل آهيون. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته بجلي جي ??عبي ۾ سڌارا ضروري آهن. وزيراعظم سميت حڪومت ان تي پوري ريت توجهه ڏئي رهي آهي، هر سال هڪ هزار ارب رپيا سبسڊي نٿا ڏئي سگهون. بقايائن جي وصولي جي ??والي سان آئيسڪو ۽ فيسڪو بهترين آهن، ڊسڪوز جي نجڪاري جي ??والي سان غور ڪيو پيو وڃي. هن وقت ايئرپورٽن جي ??ئوٽ سورسنگ تي ڪم هلي رهيو آهي، دنيا ۾ اهو طريقو لاڳو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سورسنگ تي هلي رهي آهي. ان سان سهولتن ۾ بهتري نظر ايندي، اسان آءِ ايم ايف جون خدمتون ورتيون آهن، 12 ملڪن جون ڪمپنيون خواهشمند آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ ۾ پهريون ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ ڪرڻ جي ??ڊنگ ڪري، ٻيهر اقتدار مليو ته ڪوشش ڪنداسين ته پهرين ٻن سالن ۾ ان تي عمل ڪيون. پيٽرول تي سبسڊي جي ??والي سان هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته حڪومت 800 سي سي کان وڏين گاڏين تي 50 رپيا في ليٽر وڌيڪ چارج ڪرڻ ۽ 50 رپيا 800 سي سي کان گهٽ گاڏين يا موٽر سائيڪلن کي سبسڊي ڏيڻ تي ڪم ڪيو. فني طور ان جو هن بجيٽ سان ڪو به تعلق ناهي. جڏهن ته اسان ان تي به حتمي فيصلو نه ڪيو آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو سنئون فائدو ته صارف کي پهچي رهيو آهي پر ان سان ڪرائين جي قيمتن ۽ ٻيا فائدا عوام تائين نه پهچي رهيا آهن. ان حوالي سان صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان جو فائدو عوام تائين پهچائين. سنڌ جي وڏي وزير سميت 2 صوبن ان تي فوري ڪارروائي ڪئي. هڪ ڀيرو ٻيهر کين هدايت ڪندس ته ان جا فائدا عوام تائين پهچائين. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته حڪومت روانگي واپار جي ??اصلات لاءِ ڪوشان آهي، مشڪل ترين حالتن باوجود حڪومت قومي وقار تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ پرڏيهي ادائگيون بروقت ڪيون، روانگي واپار اسان جي ??ولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته صحت ۽ تعليم 18هين ترميم تحت صوبائي موضوع آهن. 2010ع جي ??ين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني تحت صوبن کي 20 سيڪڙو وڌيڪ حصو ان لاءِ ڏنو پيو وڃي جو هو انهن شعبن تي خاص توجهه ڏين. ڪافي صوبا ان تي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ هي نقطو بنيادي هوندو آهي. هن چيو ته آبادي ۾ واڌ خطرناڪ آهي، اسان کي پنهنجي مذهبي حدن ۾ رهي ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو،3.6 سيڪڙو جي ??ساب سان آبادي ۾ واڌ اوهان جي ??رقياتي عمل کي کائي ويندو، هي معاملو سي سي آءِ جي ??يجنڊا تي پڻ آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ناهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اتصالا?? سان پي ٽي سي ايل جي ملڪيتن جي ??والگي ۽ بقايائن جي ??اصلات لاءِ ڳالهيون جاري آهن. هن وقت 30 جي ويجهو ملڪيتون پي ٽي سي ايل جي ??والي ڪرڻ باقي آهن، جنهن سان هڪ وڏي پراپرٽي تي ملازم ويٺا آهن. اتصالات معاهدي تحت چيو آهي، ته هو هي پراپرٽيز نه وٺندو. اتصالا?? سان معاهدي ۾ پاڪستان ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. باقي رهيل پراپرٽي کي عالمي ويليو 776 ملين ڊالر لڳائي آهي. 800 ملين ڊالرن جون بقايائون آهن جيتوڻيڪ ان سان ڳالهين ذريعي 263 ملين ڊالر بقايائون ان جي ??ورڊ جي منطوري ڏني آهي.، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کي وڌيڪ وڌايون. هي هڪ غيرذميواراڻا معاهدو هو پر اسان ان تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هي معاملو حل ٿيڻ گهرجي. پي بي سي جي پينشرن جي ??والي سان هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته هي هڪ ڪمرشل ادارو آهي ۽ هي پنهنجا وسيلا پيدا ڪري. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ فنڊ رکيا آهن، حڪومت جي ه?? سال جي ??وسيع جي ڪا نيت ناهي. جيڪڏهن اتحادي جماعتن جي ??ربراهن ان حوالي سان بيان ڏنا آهن ته آئين ۾ ان جي گنجائش موجود آهي. ان حوالي سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته پئرس ڪلب تحت حاصل قرضن جي ??دائگي وقت سر ڪنداسين. سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن تصديق ڪئي آهي ته انهن جا 3 ارب ڊالر ملي ويندا. آءِ ايم ايف 90 ريويو جي ??والي سان پراميد آهي ته هي ريويو ٿي ويندو، جڏهن ته اسان وٽ متبادل به آهي. اسان ان لاءِ ڏکيا سڌارا ڪيا، عوام تي بار وڌو. هن چيو ته ملڪي قرضن جي ??ي شيڊولنگ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

مضمون کا ماخذ : فنکی پھل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس