پيرس – 23 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي ??تف??ق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس چين جي و??ير??عظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي روح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي ??تف??ق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. و??ير??عظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي و??ير??عظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.