اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ طرف ڇڪرائيندي چيو آ??ي ته اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي پڻ شهيدن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ ان جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ ملت جي قيام طرف ڇڪرايو آ??ي. وقتي صدر چيو ته مڃيل حقيقت تي قطعي طور تي ٻي راءِ نه آهي ته ملڪ جي قيام جي لاءِ ڏني وي??دڙ اسانجي ابن ڏاڏن جون قربانيون لازوال آهن. ڌرتي جي استحڪام ۽ بقاءَ جي لاء?? اسانجي شهيدن جون قربانيون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، پاڪستان ۾ امن امان بهادر شهيدن جي لازوال قربانين جو نتيجو آ??ي، من حيث القوم اهو اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، وفاقي حڪومت، وفاقي سطح تي ۽ صوبائي حڪوم??ن سان گڏجي صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ جي قيام کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي به شهيدن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن، ٻاهرئين ۽ اندرون ملڪ مان اي??دڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو ڄاڻي سگهندا ته بحيثيت قوم اسان پنهنجي شهيدن جا ٿورائتا آهيون، مخت??ف مڪتبه فڪر سان تعلق رک??دڙ ماڻهن خاص طور تي شاگردن کي انهن يادگارن جي دورن سان حب الوطني جي جذبي کي سگهه ملندي. هن چيو ته شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ جو جذبو اسان جي نوجوان نسل جي دلين ۾ قائم ۽ دائم رهندو، اميد آهي ته توهان جلد کان جلد ان ڏس ۾ هدايتون جاري ڪندا جيڪا بهادر شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش هوندي.