اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي سل??مت??، خودمختياري جي تحفظ، مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آءِ بي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي لاءِ جانيون قربان ??ندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽيلي جنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان سان ??الهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم کي انٽيلي جنس بيورو جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم آءِ بي جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سل??مت??، خودمختياري، ملڪي ۽ غيرملڪي عنصرن کان خطرن جي مقابلي ۾ آءِ بي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قومي سل??مت?? ۽ خودمختياري جي تحفظ ۾ آءِ بي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ آءِ بي کي قومي مفادن جي حوالي سان اضافي ??اسڪ ڏنا جيڪي هن ڪاميابي سان حاصل ڪيا. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اندر مجرماڻي سرگرمين جي تدارڪ، دهشتگردي جي خاتمي ۾ آءِ بي فعال ڪردار ادا ڪيو، وقت سر اطلاعات جي فراهمي سان صحيح فيصلاسازي ۾ پڻ آءِ بي جو شاندار ڪردار رهيو. وزيراعظم فواد اسد الله جي پيشيواراڻي قابليت ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آءِ بي جي آفيسرن ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ آءِ بي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اداري جون غيرمعمولي ڪاميابيون فخر جوڳيون آهن، ملڪ جي تحفظ ۽ سل??مت?? جي لاءِ شهادت ماڻيندڙ شهيدن تي قوم کي فخر آهي. فواد اسد الله خان وزيراعظم جي آءِ بي تي اعتماد ۽ ڀرپ??ر حمايت تي ٿورا مڃيا، آءِ بي ملڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي سويلين انٽيلي جنس ايجنسي آهي.