اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج رهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تع??يف ڪئي آهي جنهن سان عالمي سطح تي روزمره استعمال جي شين جي قيمتن کي ??ست??ڪم ڪرڻ خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غ??يب ترين طبقي لاءِ اهم ڪردار ادا ??يو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مان اڄ ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ من??نجي ڀاءُ هاڪان فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج راهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تع??يف ڪئي جنهن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غ??يب ترين ماڻهن لاءِ عالمي روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن کي ??ست??ڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??يو آهي. پرڏيهي وزير يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪارروائين جي به شديد مذمت ڪئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ترڪيه ۽ ٻين اسلامي رياستن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.